Posts

Jinsar Ali SarGani جنرل سائنس سوال 1 :سائنس ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : تجربن ۽ مشاهدن ذريعي حاصل ڪيل علم کي سائنس چئجي ٿو. سوال 2 :سيل Cell يا جيوگهرڙو ڇا آهي؟ جواب : سڀني جاندارن جي بناوت جو بنيادي ايڪو سيل آهي. سوال 3 :اينيمل ڪنگڊم ڇا کي چئبو آهي؟ جواب : هن ڌرتيء تي سڀئي جاندار هڪ وڏي دنيا ٺاهين ٿا ان کي اينيمل ڪنگڊم چئبو آهي. سوال 4 :ورٽيبريٽ Vertebrate ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : اهي جانور جن کي پٺي َء جوڪرنگهو ٿئي ٿو. مثال: مينهن، ٻلي، ڪتو، شينهن وغيره سوال 5 :اِنورٽيبريٽ Invertebrate ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : اهي جانور جن کي پٺي َء جو ڪرنگهو نه هجي. مثال: جيت، ڪيڙا وغيره. سوال 6 :دنيا ۾ مڇين جا ڪيترا قسم آهن؟ جواب : 30 هزار کان به وڌيڪ. سوال 7 :دنيا ۾ پکين جا ڪيترا قسم آهن؟ جواب : 9 هزار کان به وڌيڪ. سوال 8 :دنيا ۾ جيتن جا ڪيترا قسم آهن؟ جواب : 8 لک کان به وڌيڪ. سوال 9 :ايمفيبين Amphibian ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : اهي جانور جيڪي پاڻي َء ۽ خشڪي ٻنهي تي رهن. مثال: نانگ ،ڏيڏر ۽ ُڪمي وغيره سوال 10 :مئمل Mammal ڇا کي چئبو آهي؟ جواب : اهي جانور جيڪي ٻچا ڄڻين ۽ پنهنجن ٻچن کي کير پيارين انهن کي مئمل چئبو آهي. سوال 11 :سرد رت وارا جانور ڪهڙا آهن؟ جواب : مڇيون، ايمفيبين ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور. سوال 12 :گرم رت وارا جانور ڪهڙا آهن؟ جواب :پکي ۽ مئمل. سوال 13 :باريڪ خوردبيني جاندار ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : اهي باريڪ جاندار جن کي اسان ڏسي نٿا سگهون. مثال: وائرس بيڪٽيريا وغيره سوال 14 :خوردبيني جاندارن کي ڪهڙن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟ جواب : وائرس، بيڪٽيريا ۽ فنجي. سوال 15 :خوردبيني جو ڪهڙو ڪم آهي؟ جواب : خوردبيني شين کي پنهنجي اصل جسم کان تمام وڏو ڪري ڏيکاريندي آهي. سوال 16 :بيڪٽيريا، وائرس ۽ فنجي ڪيترن سيلن وارا جاندار آهن؟ جواب : هڪ سيل وارا جاندار. ) وائرس جي بناوت ايتري ته ننڍي آهي جو ان کي خليو به نٿو چئي سگهجي ( سوال 17 :بيڪٽيريا جي شڪل ڪيئن هوندي آهي؟ جواب : ڪي سُين جهڙا، ڪي گول ۽ ڪي وري اسپرنگ جهڙا ٿين ٿا. سوال 18 :انسانن ۽ جانورن جي آنڊي ۾ ڪهڙو بيڪٽيريا رهندو آهي؟ جواب : ايسچيريچيا ڪولي. سوال 19 :ڏهي ٺاهڻ ۾ ڪهڙا باريڪ جاندار مائڪروبس مدد ڪندا آھن ؟ جواب : بيڪٽيريا سوال 20 :زڪام ۽ فلو ڪھڙن باريڪ جاندارن جي ڪري ٿيندو آھي ؟ جواب : وائرس جي ڪري. سوال 21 :وڏي ۾ وڏو مائڪروب يعني باريڪ جاندار ڪهڙو آهي؟ جواب : فنجي. سوال 22 :نشاستو يا ييسٽ ڇا جي مدد سان ٺهندو آهي؟ جواب : فنجي. سوال 23 :پينسلين واري اينٽي بايوٽڪ ڇا مان تيار ڪئي ويندي آهي؟ جواب : پينسيلم مان جيڪو هڪ قسم جو فنگس فنجي آهي. سوال 24 :پوليو جي وئڪسين ڇا مان تيار ڪئي ويندي آهي؟ جواب : پوليونالي هڪ وائرس مان. سوال 25 :انفيڪشن ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : اها بيماري جيڪا بدن ۾ جيوڙن جي موجودگي ڪري پيدا ٿئي ان کي انفيڪشن چئبو آهي. سوال 26 :نزلو، زڪام، بخار ۽ مٿي جو سور ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿيندا آهن؟ جواب : وائرل انفيڪشن جي ڪري. سوال 27 :دست ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿيندا آهن؟ جواب : بيڪٽيريل انفيڪشن جي ڪري. سوال 28 :چمڙي َء جون ڪي بيماريون ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿينديون آهن؟ جواب: فنگل انفيڪشن جي ڪري. سوال 29 :بيمارين جي جيوڙن جا بدن ۾ داخل ٿيڻ جا رستا ڪهڙا آهن؟ جواب: وات ذريعي، نڪ ذريعي ۽ چمڙي َء ذريعي. سوال 30 :ٻوٽن کي ڪهڙن ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟ جواب : 1 .گلدار ٻوٽا 2 .بي گل ٻوٽا. سوال 31 :گلدار ٻوٽن کي ڪهڙن ٻن گروپن ۾ و رهايو ويو آهي؟ جواب : 1.هڪ ٻج پن وارا ٻوٽا 2.ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا. سوال 32 :هڪ ٻج پن وارا ٻوٽا ڪهڙا آهن؟ جواب : مڪائي، چانور، ڪڻڪ ۽ گاه وغيره. سوال 33 :ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا ڪهڙا آهن؟ جواب : انب، ليمون، چڻا، چئونرا ۽ مٽر وغيره. سوال 34 :بي گل ٻوٽا ڪهڙا آهن؟ جواب : فرنس Ferns ۽ موسز Mosses. سوال 35 :جڏهن ٻج جي ڦٽڻ وقت ڪاٽليڊان زمين کان مٿي نڪري ايندا آهن ته ان کي ڇا چئبو آهي؟ جواب : ايپيجل جرمينيشن. سوال 36 :جڏهن ٻج جي ڦٽڻ وقت ڪاٽليڊان زمين جي اندر ئي رهن ته ان کي ڇا چئبو آهي؟ جواب : هئپوجل جرمينيشن. سوال 37 :ٻج ۾ موجود ننڍڙي ٻوٽي کي ڇا چئبو آهي؟ جواب : ايمبريوEmbryo . سوال 38 :ڪاٽليڊان ڇا کي چئبو آهي؟ جواب : ٻج جي ٻن ڀاڱن مان هر هڪ ڀاڱي يا اڌ کي ڪاٽليڊان يا شروعاتي ڪچو پن چئبو آھي سوال39: ٻج ۾ موجود ننڍڙي سوراخ کي ڇا چيو ويندو آھي ؟ جواب : مائڪرو پائيل سوال 40 : اينڊو اسپرم ڇا کي چئبو آھي ؟ جواب : ٻج جو اهو حصو جنهن ۾ خوراڪ گڏ ٿيل هوندي آهي. سوال 41 :ٻج جي ڦٽڻ لاء گهربل حالتون ڪهڙيون هونديون آهن؟ جواب : آڪسيجن، پاڻي، مناسب گرمي َء جو درجو ۽ روشني. سوال 42 :آلودگي ڇا کي چئبو آهي؟ جواب : هوا ، پاڻي ۽ زمين جي خاصيتن ۾ اڻوڻندڙ تبديلي جيڪا انسان ۽ ٻين جاندارن جي صحت تي خراب اثر وجهي ان کي آلودگي چئجي ٿو. سوال 43 :آلودگي َء جا مکيه قسم ڪهڙا آهن؟ جواب : آلودگي َء جا مکيه 3 قسم آهن. 1 .هواجي آلودگي، پاڻيء جي آلودگي ۽ زمين جي آلودگي. سوال 44 :هوا جي آلودگيء ڪري ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون؟ جواب : مٿي ۾ سور پوڻ، نڪ ۾ خارش ٿيڻ، نڙي َء ۾ سور پوڻ، دم جي بيماري، نمونيا ۽ ڪئنسر. سوال 45 :پاڻي َء جي آلودگي َء ڪري ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون؟ جواب : ڪالرا، مدي جو بخار ۽ دست وغيره. سوال 46 :زمين جي آلودگي َء جا نقصانڪار اثر ڪهڙا آهن؟ جواب: زمين جي آلودگي پيدا ڪندڙ شين جي ڳري ختم ٿيڻ تي انهن جا زير زمين پاڻئ ۽ پسگردائيء تي تمام زهريال اثر پون ٿا. سوال 47 :مادو ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : اها شيِء جيڪا جا ِء والاري ۽ وزن به رکي ان کي مادو چئجي ٿو. سوال 48 :مادي جون حالتون ڪهڙيون آهن؟ جواب : مادي جون ٽي حالتون آهن. نهرا، پاڻياٺ ۽ گئس. سوال 49 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ ماليڪيول هڪ ٻئي جي تمام ويجهو ۽ ڳتيل هوندا آهن؟ جواب : نهري حالت ۾. سوال 50 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ ماليڪيول ڪجه پري هوندا آهن ۽ حرڪت ڪري سگهندا آهن؟ جواب : پاڻياٺ واري حالت ۾. سوال 51 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ماليڪيول آزاد ۽ پري پري هوندا آهن؟ جواب : گئس واري حالت ۾. سوال 52 :مادو ڇا جو ٺهيل هوندو آهي؟ جواب : مادو تمام باريڪ ذرڙن جو ٺهيل هوندو آهي جن کي ائٽم ۽ ماليڪيول چئبو آهي. سوال 53 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار ۽ خاص شڪل هوندي آهي؟ جواب : نهرو. سوال 54 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار هوندي آهي پر خاص شڪل نه هوندي آهي؟ جواب : پاڻياٺ. سوال 55 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار ۽ ڪا خاص شڪل نه هوندي آهي؟ جواب : گئس سوال 56 :گاٺ ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : گاٺ هڪ قسم جو زور آهي جيڪو شين کي آساني سان چرپر ڪرڻ کان روڪي ٿو. سوال 57 :مايو ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : مادي جي مقدار کي مايو چئجي ٿو. سوال 58 :مايي جو ايڪو ڇا آهي؟ جواب : ڪلوگرام Kg . سوال 59 :وزن ڇا کي چئجي ٿو؟ جواب : زمين جي ڇڪ واري زور کي وزن چئجي ٿو سوال 60 :وزن جو ايڪو ڇا آهي؟ جواب : نيوٽن N . سوال 61 :انسان جي بدن جو عام حالت ۾ گرمي_پد ٽيمپريچر ڪيترو هوندو آهي؟ جواب : 6F.98 فارنھائيٽ. سوال 62 :جسم جي گرمي_پد ٽيمپريچر ماپڻ واري اوزار کي ڇا چئبو آهي؟ جواب : ٿرماميٽر. سوال 63 :سادين مشينن جا قسم ڪهڙا آهن؟ جواب : ليور، لهواري سطح ۽ چپر وغيره. سوال 64 :ليور جا ڪيترا قسم آهن؟ جواب :ٽي. 1.پهرئين قسم جو ليور، 2.ٻئي قسم جو ليور ۽ 3.ٽئين قسم جو ليور. 1. .پهرئين قسم جي ليور ۾ٽيڪ يا فلڪرم، زور ۽ وزن جي وچ ۾ رکيل هوندو آهي. مثال: قينچي. 2. .ٻئي قسم جي ليور ۾ وزن لڳايل زور ۽ فلڪرم جي وچ ۾ رکيل هوندو آهي مثال: هٿ گاڏي 3 .ٽئين قسم جي ليور ۾ لڳايل زور فلڪرم ۽ وزن جي وچ ۾ هوندو آهي. مثال: چمٽو. سوال 65 :روشني پنهنجو سفر ڪيئن ڪندي آهي؟ جواب : سڌي ليڪ ۾. سوال 66 :روشن جسم ڇا کي چئبو آهي؟ جواب : اهي جسم جيڪي پنهنجي روشني پاڻ تيار ڪن انهن کي روشن جسم چئبو آهي.مثال:سج سوال 67 :غير روشن جسم ڇا کي چئبو آهي؟ جواب : غير روشن جسم اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي روشني پاڻ تيار نه ڪري سگهي. مثال: چنڊ ۽ گره. سوال 68 :شفاف جسم ڪهڙا آهن؟ جواب : اهي جسم جيڪي روشني کي پاڻ مان آساني َء سان گذرڻ ڏين. مثال: هوا،پاڻي،صاف شيشو. سوال 69 :نيم شفاف جسم ڪهڙا آهن؟ جواب : اهي جسم جيڪي روشني َء جي ڪجه حصي کي پاڻ مان گذرڻ ڏين. مثال: ڌنڌلو شيشو. سوال 70 :غير شفاف جسم ڪهڙا آهن؟ جواب : اهي جسم جيڪي پاڻ مان روشني َء کي هرگز گذرڻ نه ڏين. مثال : سرن واري ڀت. ڪاٺ. سوال 71 :پاڇو ڪيئن ٺهي ٿو؟ جواب : جڏهن روشني ڪنهن غير شفاف جسم سان ٽڪرائجي رڪجي وڃي ٿي ته ٻئي پاسي ان جو پاڇو ٺهي پوي ٿو. سوال 72 :سج گرهڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟ جواب : جڏهن چنڊ، سج جي سامهون اچي بيهندو آهي ته سج گرهڻ ٿيندو آهي. سوال 73 :چنڊ گرهڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟ جواب : جڏهن زمين، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي بيهندي آهي ته چنڊ گرهڻ ٿيندو آهي. سوال 74 :بجلي َء جو سرڪٽ ڇا آهي ۽ ڪيئن ٺهي ٿو؟ جواب : بجلي َء جو سرڪٽ اهو رستو آهي جنهن تان بجلي َء جو ڪرنٽ گذري وڃي ڪو ڪم ڪري سگهي. جيئن بلب کي روشن ڪرڻ وغيره. سوال 75 :ائٽم جا بنيادي ذرا ڪهڙا آهن؟ جواب : اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران. سوال 76 :اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران تي ڪهڙي چارج هوندي آهي؟ جواب : اليڪٽران تي ڪاٽو چارج. پروٽان تي واڌو چارج ۽ نيوٽران تي ڪا به چارج نه ھوندي آھي سوال 77 : مٽئ جا ڪھڙا قسم آھن ؟ جواب : وارياسي مٽي، لٽ واري مٽي، چيڪي مٽي ۽ لوم سوال 78 :ٻوٽن جي واڌ ويجه الِء ڪهڙي مٽي بهترين هوندي آهي؟ جواب : لوم سوال 79 :لوم ڇا کي چئبو آھي ؟ جواب : اها مٽي يا زمين جيڪا چيڪي مٽي، لٽ،واريء ۽ هيوم جي مالوٽ سان ٺهيل هجي. سوال 80: مٽي َء جي هڪڙي ڀريل چمچي ۾ ڪيترا بيڪٽيريا هوندا آهن؟ جواب : هڪ ڪروڙ. سوال 81 :تحليلي عمل ڇا کي چئبو آهي؟ جواب : ڇڻيل، سڙيل ،ڳريل پن ۽ ُمئل جانورن جا جسم مٽي َء ۾ موجود باريڪ جيوڙا بيڪٽيريا ۽ فنجي کائي چٽ ڪندا آهن. ان عمل کي تحليلي عمل چئبو آهي. سوال 82 :نظاِم شمسي َء ۾ ڪل ڪيترا گره آهن؟ جواب: 8 گره..: 1 .عطارد، 2 .زهره، 3 .زمين، 4 .مريخ، 5ُ .مشتري، 6ُ .زحل، 7 .يورينس ۽ 8 . نيپچون. سوال 83 :سج جو قطر يعني هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين مفاصلو ڪيترو آهي؟ جواب : 4.1 ڪروڙ ڪلوميٽر. جيڪو 109 زمينن کي هڪ ٻئي ڀرسان رکڻ برابر ٿيندو. سوال 84 :سج اسان کان ڪيترو پري آهي؟ جواب : 150 ملين ڪلوميٽر. سوال 85 :سج جي روشني زمين تائين پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو؟ جواب : 8 منٽ. سوال 86 :سج ۾ اسان جي زمين جيڏيون ڪيتريون زمينون ماپي سگهن ٿيون؟ جواب : 000،300،1 .تيرهن لک زمينون. سوال 87 :سج جو وزن ڪيترين زمينن جيترو ٿيندو؟ جواب : 000،330 . ٽي لک ٽيه هزار زمينن جيترو. سوال 88 :نظاِم شمسي ۾ موجود گرهن کي ڪيترن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟ جواب : ٻن گروپن ۾. 1 .زميني يا پٿريال گره 2 .گئس وارا ديو نما گره. سوال 89 :پٿريال گره ڪهڙا آهن؟ جواب : زمين ،عطارد ، زهره ۽ مريخ. سوال 90 :گئس وارا گره ڪهڙا آهن؟ جواب : ُجوپيٽر يا ُمشتري، ُزحل ، يورينس ۽ نيپ ُچون. سوال 91 :نظاِم شمسي َء جو ننڍي ۾ ننڍو گره ڪهڙو آهي؟ جواب : عطارد Mercury . سوال 92 :نظاِم شمسي َء جو وڏي ۾ وڏو گره ڪهڙو آهي؟ جواب : ُمشتري Jupiter . سوال 93 :سج کي ويجهي مان ويجهو گره ڪهڙو آهي؟ جواب : عطارد. سوال 94 :سج کي پري مان پري گره ڪهڙو آهي؟ جواب : نيپچون Neptune . سوال 95 :ڪهڙو گره گهڻي قدر لوه يا فوالد جو ٺهيل آهي؟ جواب : عطارد. سوال 96 :زمين جي ڀيڻ ڪهڙي گره کي چيو ويندو آهي؟ جواب : زهره Venus کي. سوال 97 :نظاِم شمسي جي ڪهڙن گرهن کي پنهنجا چنڊ نه آھن ؟ جواب : عطارد ۽ زهره کي. سوال 98 :زمين جي چنڊ جو نالو ڇا آهي؟ جواب : Lunaُ لونا سوال 99 :ڳاڙهو گره ڪهڙو آهي؟ جواب : مريخ Mars . سوال 100 :مريخ تي ڪيترا چنڊ آهن ؟ جواب ۡ ٻه ، ڊيماس ۽ فوباس. سوال 101 :نظاِم شمسي َء جو سڀ کان وڏو ٻرندڙ جبل ” اولمپس مانس “ ڪهڙي گره تي آهي؟ جواب : مريخ تي. سوال 102ُ :مشتري تي ڪيترا معلوم ڪيل چنڊ آهن ۽ ڪيترا تحقيق هيٺ آهن؟ جواب : 50 معلوم ڪيل چنڊ ۽ 12 تحقيق هيٺ چنڊ آهن. سوال 103ُ :مشتري جو سڀ کان وڏو چنڊ ڪهڙو آهي جيڪو 16صدي َء ۾ گليلو سائنسدان ڳولي لڌو؟ جواب : گينِي ميڊ. سوال 104ُ :زحل Saturn تي ڪل معلوم ڪيل چنڊ ۽ تحقيق هيٺ ڪيترا آهن؟ جواب : 53 چنڊ معلوم ڪيل ۽ 9 تحقيق هيٺ آهن. سوال 105ُ :زحل جو سڀ کان مشهور چنڊ ڪهڙو آهي جيڪو گيني ميڊ کان پو ِء ٻئي نمبر تي آهي؟ جواب : ٽِيٽان. هي چنڊ عطارد کان به وڏو آهي َسوال 106 :برفاني ديو ڪهڙي گره کي چيو ويندو آهي؟ جواب : يورينَس کي. سوال 107 :يورينس Uranus کي ڪيترا چنڊ آهن؟ جواب : 27 چنڊ. سوال 108 :يورينس جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور چنڊ ڪهڙو آهي؟ جواب : ٽِٽينِيا. سوال 109 :نيپ ُچون کي ڪيترا چنڊ آهن؟ جواب : 13 چنڊ. سوال 110ِ :کَڙندڙ تارا Star Shooting ڇا آهن؟ جواب : ِکڙندڙ تارا يا شُهاب ثاقِب دراصل پٿريال ۽ ڌاتُن جا بچيل سچيل ذرڙا هوندا آهن جيڪي مختلف رفتار سان سج جي چوڌاري ڦرندا رهن ٿا. سوال 111 :پُڇڙ تارا ڇا آهن؟ جواب : پُڇڙ تارا يا ڪوميٽس Comets تمام ننڍڙا جسم هوندا آهن جيڪي برف، دز ۽ پٿريلي شين جا ٺهيل هوندا آهن.انهن کي گهڻو ڪري منحوس گندا برف گولا به چئبو آهي. سوال 112 : پڇڙ تاري جي مرڪز جو نالو ڇا آھي ؟ جواب : ڪوما